SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ابنِ خلدون


:جامع سنڌي لغات ۾

ابنِ خلدون

اِبنُ خَلدُون

اسم خاص. عبدالرحمان ابن خلدون، اسپين جي هڪ مشهور عرب خاندان مان تونس مغربي آفريقه ۾ ١٣٢٢ع ۾ ڄائو ۽ قاهره ۾ ١٤٠٦ع وفات ڪيائين، اسلام بلڪ ساري دنيا جو پهريون اجتماعي فيلسوف آهي جو پنهنجي معرڪة الارا تصنيف ”مقدمه“ جي ڪري مشهور آهي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ابنِ خلدون

Ibn-Khaldun

ابنِ خلدون

عظيم عرب مُفڪر ابنِ خلدون (1406ع-1332ع) پنهنجي تحريرن ۾ جديد بين الاقوامي نظرين جو خاڪو چٽي ڇڏيو هو. خاص طور تي ”نڪولو ميڪياويلي“ ۽ ”ٿامس هابس“ جي بادشاهه پسنديءَ وارن نظرين بابت سندس مقالن ۾ تفصيلي بحث ٿيل آهي. عالمي تاريخ بابت سندس نظريا قديم دور ۾ ”ٿيوسيڊائيڊس“ ۽ جديد دور ۾ ”فريڊرڪ هيگل“ ۽ ”ٽوائن بي“ جي ادراڪ سان بَرُميچين ٿا. پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”مقدمه“ ۾ ابن خلدون ”مسلڪن جي علم“ (Science of Cults) تي اهم ۽ تفصيلي بحث ڪيو آهي . جيتوڻيڪ سندس علمي ڪاوشن کي انگريز ۽ آمريڪي علمي حلقن طرفان تمام گهڻو نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، پر پوءِ به يورپي فلسفي تي سندس فڪري روين جو اثر ۽ جديد علمن سان سندس گهرو لاڳاپو اڄ به بلڪل چٽو ۽ سود مند آهي


Remember Me Also:

سوٽونسنبغٿيڻ

عورتن جو اصطلاح ، ٿڪجي پوڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal